ابو سعيد عبدالڪريم سمحاني

ابو سعيد عبدالڪريم سمحاني: قاضي ابو سعيد عبدالڪريم سمحاني 504هه/1110ع ۾ مدو (ترڪستان) ۾ پيدا ٿيو. علم حديث جي طلب ۾ سموري دنيا جو چڪر ڪاٽيائين، پاڻ هڪ ڪتاب ’ڪتاب الانساپ‘ جي نالي سان لکيائين، جيڪو 1912ع ۾ گبٽ ميموريل سيريز جي سلسلي ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ شهرن، قبيلن ۽ پيشن جي نسبت سان جيڪي به ماڻهو مشهور ٿيا آهن، انهن جو احوال لکيل آهي. هن ۾ سنڌ جي شهرن ۽ بزرگن جو به احوال شامل آهي. هن ڪتاب ۾ جن بزرگن جو ذڪر آهي، انهن ۾: ابو معشر نجيح، رجاءِ سنڌي، ابو نصر فتح بن عبدالله سنڌي، احمد بن سنڌي ۽ ٻيا شامل آهن.


لفظ ابو سعيد عبدالڪريم سمحانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو